نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀولڙا  ڦورو بڻجي ويا، همراهه کان آءِ فون کسي ورتي، اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر ورنداون جي مندر ٻاهران واقعو پيش آيو، وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ٻه ڀولا مندر جي اڱڻ ۾ قائم اڏاوت تي ويٺل آهن ۽ انهن مان هڪ ڀولي جي هٿ ۾ مندر آيل هڪ شخص جو کسيل آءِ فون آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ماڻهو گڏ ٿيل آهن جيڪي ڀولي کان آءِ فون وٺڻ جي ڪوشش ڪندي ڀولي ڏانهن شيون اُڇلي رهيا آهن ته جيئن ڀولو فون کي ڦٽو ڪري ڇڏي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ماڻهن جي اها محنت ڪامياب ٿئي ٿي ۽ ڀولو آءِ فون ڦٽو ڪري ڀڄي وڃي ٿو جنهن تي ماڻهو تاڙيون وڃائي خوشي جو اظهار ڪن ٿا.