نوجوان قومن ۽ ملڪن لاءِ ڪرنگھي جي ھڏي ھوندا آھن اگر ڪنھن قوم جا نوجوان غافل آھن ته سمجھو اھا قوم سڌريل ھجڻ جي باوجود به تباھه ٿيڻ کان نٿي بچي سگھي. پر نوجوان ايڪٽو ھجن ته اھا قوم ترقي پذير ھجڻ جي باوجود به پنھنجي بقا جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ھن مھا ٻوڏ جي مصيبت واري گھڙي ۾ سڄي سنڌ جي نوجوانن سموريون مخالفتون سمورا نظريا، سياسي سماجي مذھبي ويڇا ھڪ پاسي رکي صرف دکي انسانيت جي خدمت لاءِ پاڻ ملھايو ايئن سمجھو پنھنجي قومي بقا جي جدوجھد آ. سنڌ جي سمورن نوجوان کي سلام، اسپيشلي عالم آباد واسي نوجوانن جي خدمت خلق جو جذبو ڏسي اسپيشلي اسان جي سڀني دوستن کي دل جي گھراين سان سلام ٿو پيش ڪريان جن دوست 15.16 آگسٽ کان وٺي ھن وقت تائين ٻوڏ متاثرن جي خدمت صرف خدا ڪارڻ ڪئي بنا ڪنھن لالچ جي بنا ڪنھن فوٽو سيڪشن جي. ھنن کي ڏسي من ڪنھن فرض شناس کي پنھنجو فرض به ياد پوي.