هن جو مقدر ڪير مٽائيندو؟‎‎

 

 

صدوري کي اڄ 10هون ڏينهن آ جو گهر جو سمورو سودو برسات جي ڏهاڙن ۾ پورو ٿي ويو. اها سندس زال جي سگهڙپائي هئي جو اها ڏکئي وقت لاءِ ٿوري مان ٿورو ٽاريندي ايندي هئي، اهو ٽريل سودو به پورو ٿئي 5 ڏينهن گذري ويا اٿس پر مائي ايڏي ته خوددار آهي جو پنهنجي بک کي پنهنجي غيرت سان ٻڌي ڇڏيو اٿائين. صدورو ڪچي مان ڪاٺيون ڪري گذر سفر ڪندو هو پر ها ته صورتحال اها آهي جو ڪچي ۾ درياهه جو پاڻي ته پڪي تي برسات جو پاڻي. ڪچي مان ڪاٺيون ۽ پڪي مان مٿي جي مزدوري تغاري به ختم ٿي وئي آ. صدوري کي ڀاءُ ڪجهه ڪلا اٽو ڏنو هو، جيڪو اهڙي نموني سان هلائن پيا جو ڏينهن جا 14 ڪلاڪ ٻن ويلن مان نڪري وڃن. اڳ ۾ پاڙن مان چونئري کڻي لسي وٺي اچبي هئي ته ڏينهن جو پهر لسي سان ڳڀو کائي گذري ويندو هو پر هاڻ ته حالت اها آهي جو ڪٿان به لسيءَ لپ نٿي ملي، ان ڪري منجهند جي ماني پاڻيءَ سان ته رات جي ماني پاڻيءَ ۾ ڀڳل مرچن سان کائي گذر ڪن ٿا. اڪثر صبح جي چانھ، رب جي نالي جي مليل  کير مان پچندي آهي، جنهن مان سڀ ڀاتي ونڊ جي ماني ٻوڙي به کائي ويندا آهن. گذريل 15 ڏينهن کان هن جي گهر ۾ ڪا ڀاڄي ناهي پڪي. ڳوٺ جي وڏيري کي ويگن پالن جي ملي هئي پر هن لاءِ هڪ تڙپال به ڪو نه هو، جڏهن رات جو وٺڻ ويس ته اهو چئي انڪار ڪيائين ته توکي ڏيندس ته فشري ٿيندي، جڏهن ته اهي ئي تڙپال ان وڏيري ڳوٺ جي انهن خوشحال خاندان کي ڏنا جيڪي پاڻ ٻين جو رت چوسيندا آهن. ان ڏينهن جڏهن هو ڳوٺ جي نامور ماڻهن پاران ورهايل راشن بيگ وٺڻ آيو ته هن جي کيسي ۾ ڪڻڪ جي ماني جا اهي رکا ٽڪر به پيا هئا، جيڪي هن کائيندي، اکين ۾ ڳوڙها آڻيندو چيو هو “ڀائو غريب جو ڪير به ڪونهي، رب به اميرن جو ٿي ويو آهي، اسان جي ته ٻڌي ئي ڪو نه ٿو، ڀائو ڪنهن کان ڪو نه گهرندا آهيون، بس پنهنجي پڪي پيا کائيندا آهيون رکي سکي، ٻارن کي تپ تپائي ڇڏيو آهي، ٽڪي فوٽو وٺڻ جي به وسعت ناهي.” وڻ هيٺان ويهي تن تپي ٿا وڃن پر تنبو نه مليو جو ٻچن جي مٿي تي ڇانو ڪيان. سڄو ڏينهن سج کان ڇانو جو پيڇو ڪندي گذري ٿو، جنهن پاسي ڇانو ان پاسي پٿر ڪري ويهون ٿا، اهو آهي هن غريب جو نصيب جيڪو، ڪير به مٽائي نٿو سگهي.

 

زبير ٻگهيو/ ڏوڪري،لاڙڪاڻو

جيئڻ ڪاڻ جگر!‎‎

 

ھيءَ قوم وقتي جوش ۾ سوڊا بوتل واري گجي جيان اٿي وري سمھي رھندي آهي، سيلاب متاثر علائقن جي ماڻھن جي مستقل بحالي لاءَ گھڻو ئي وقت لڳندو، جيڪي سرڪاري نيم سرڪاري تنظيمون ماڻھن جي حقيقي بحالي لاءِ بھترين حڪمت عملين سان ڪم ڪنديون انھن سماجي تنظيمن جا سربراھ، ڪارڪن، قومي ھيرو سڏبا. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سياسي قوم پرست جماعتن سماجي ڪم ڪندڙ ونگس يا دڙا ٺاھڻا پوندا، جيڪا وقت جي اھم ضرورت آھي، ڇو ته قيامت ماٺي ٿي ناھي، تاريخ جو بدترين سيلاب مٿانھن جابلو علائقن کان ھيٺياھين وارن علائقن ڏانھن تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي، وڌيڪ ڪيترن علائقن ۾ ريڊ الرٽ جاري ٿي چڪو آھي، ڪيترن ئي گدامن مان غذائي جنسون زيان ٿي چڪيون آھن، رستا بند ھجڻ ڪري غذائي جنسن جي کوٽ وڌي رھي آھي، نتيتجتن سبزيون مھانگيون ٿي چونڻي قيمت تي دستياب آھن، چانور، ڪپھ، ڪمند، سبزين جا فصل تباھ ٿي ويا آھن، آزمائش فقط سيلاب ناھي سيلاب کان پوءِ آزمائشن جو ڊگھو سلسلو شروع ٿيندو، خيمن جي زندگي سولي ناھي هوندي پر گھرن ۾ رھڻ وارن جي زندگي به ڏکين حالتن جي نذر ٿي ويند، ڪن کي ٻوڏ ٻوڙيندي ته ڪن کي مھانگائي ماريندي، سڀ ڪجھ سھڻ لاءِ ڪفايت شعاري ۽ جبلن جيڏو جگر حوصلو گھرجي.

 

الھڏنو راھمون/سجاول

 

سنڌ جي شعوري ۽ ڊگري يافتا نوجوانن ڏانھن!‎‎

 

جي ڏٺو وڃي ته ڪنھن به ملڪ جي انتظامي ترقيءَ ۾ بيوروڪريسيءَ جو وڏو ڪردار آھي، جيڪا پوري ملڪي حڪومت جي انتظامي لحاظ کان ھڪ انجڻ ليکي ويندي آهي پر بدقسمتيءَ سان ھن ملڪ پاڪستان خاص طور تي سنڌ جا ڪميشن پاس آفيسر ته بلڪل ناڪارا، نڪما، ڪرپٽ ۽ نااھل آھن، جيڪي رڳو مال ميڙڻ ۽ پنھنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آھن. آئون سمجھان ٿو ته جيڪڏهن ڪو انھن راشي بيورو ڪريٽسن جو ڪو متبادل ٿي سگھي ٿو ته اُھي سنڌ جا شعور رکندڙ ڊگري يافتا نوجوان ئي ٿي سگھن ٿا، جيڪڏھن اُھي سنڌ جو آئيندو سنوارڻ چاھين ٿا ۽ حقيقي معنيٰ ۾ خدمتِ خلق ڪرڻ گھرن ٿا ته بنا دير جي انھن کي گھرجي ته هو ڪميشن جي امتحانن جي تياري ڪن. ظاھري ڳالھ ته ٿوري تڪليف ايندي، ڇاڪاڻ ته محنت کان سواءِ ڪا به شيءِ ناهي ملندي، سکڻن قومي نعرن ۽ روئڻ رنڀڻ کان ڀلو آهي ته سنڌ جو شعور ھن طريقي سان به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪري سگھي ٿو.

 

سرمد سليمان ابڙو/لاڙڪاڻو

 

مدد جا منتظر ماروئڙا!‎‎

 

سنڌ تنھنجا سور ڏسي ھاڻ ته صدائون به سڏڪن ٿيون. ھر طرف پاڻي ئي پاڻي آھي، مسڪين ماروئڙن جو الھ تلھ برسات جي لپيٽ ۾ اچي تباھ ٿي ويو آهي. شھرن جا شھر، ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻيءَ جي گھيري ۾ اچي ويا آهن. ڪيترن ئي ڪلوميٽرن ۾ ڪٿي ڪو خشڪ زمين جو ٽڪرو نظر ڪو نه پيو اچي. ڪيترائي انسان پنھنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن. ھزارين گھر ڄڻ ھئا ئي ڪونه، ايئن تباھ ٿي ويا آھن. لکين ماڻھو کليل آسمان هيٺ بي سر و سامانيءَ واري ڪيفيت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. ماڻھن وٽ کائڻ پيئڻ جي شين جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. کين مٿي ڍڪڻ لاءِ به ڪٿي ڪا ڇت نظر ڪونه پئي اچي. وبائي بيمارين جي پکڙجڻ جي ڪري سندن تڪليف ۾ ويتر اضافو ٿي رهيو آهي، ھر احساس رکندڙ انسان پنھنجي وس آهر سندن مدد لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ملڪي توڙي غير ملڪي امداد به اچي رھي آھي. صوبائي توڙي وفاقي سرڪار به سندن مدد لاءِ اعلان ڪيا آهن، فلاحي ادارا به پنھنجو ڪم خوش اسلوبيءَ سان نڀائي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته متاثرن کي جلد کان ۽ وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي ته جيئن اڃا به ڪنھن وڏي اڻوندڙ واقعي کان بچي سگهجي، ڇو ته لکين ماڻھو ھن وقت به کاڌ خوراڪ ۽ طبي سھولت کان ڪوھين ڏور آهن ۽ ماروئڙا مدد جا منتظر آهن.

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد ڪوٽڏجي، خيرپور

 

قدرتي آفتن کان بچائن لاءِ ناقص حڪومتي قدم!

 

سنڌ ۾ برساتون اينديون رھنديون آھن، 1999ع جو طوفان، 2010ع جي ٻوڏ اسان جي حڪمرانن کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي هئي ۽ وقت به ھو پر اسان جا حڪمران ھميشه گھري ننڊ ۾ ستل ھوندا آھن، جڏھن آفتون اچي ڪڙڪنديون آھن ۽ وڏي تباھي مچائي وينديون آھن تڏهن هو فقط ڪشتا کڻي وٺندا آهن. تازين سخت برساتن ڪري سنڌ ۾ وڏي تباھي آئي آھي، بقول وزير اعليٰ سنڌ جي ته سنڌ ۾ تازين برساتن سبب 25 لک گھر ڪريا آھن، جن جو اڃا ڪو به سروي نه ٿيو آھي، اھي رڳو اندازا آھن، غير سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 50 لک ڪچا يا پڪا گھر ڪريا آھن، 4 سئو ماڻھو فوت ٿيا آھن، ھڪ ھزار ماڻھو زخمي ٿيا آھن ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھ ٿي ويو آھي. سنڌ واسي ھن وقت روڊ رستن تي بنا ڪنھن حڪومتي واھر جي بي يارو مدد گار ويٺل آھن، دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ سال جا 12 ئي مھينا برساتون پونديون آھن، اتان جي حڪومتن اھڙا انتظام ڪري ڇڏيا آھن جو گھر ڪرن ٿا نه وري روڊ رستا، سرڪاري عمارتون، ڳوٺ يا شھر ٻڏن ٿا ۽ نه وري عوام جي روزمره زندگي ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، ڇو ته انھن ملڪن ۾ صاف شفاف نظام لاڳو آھن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ بھترين انتظام ڪيا ويندا آھن. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته بقول وزيراعليٰ صاحب جي ته سنڌ ۾ تازين برساتن ۾ 25 لک گھر تباھ ٿيا آھن، اڄ جي مھانگائيءَ واري دور ۾ ڪچو گھر به گھٽ ۾ گھٽ 5 لک رپيا کائي ويندو آهي، ان حساب سان 25 لک گھرن جي مالڪن کي گھرن جي بحالي لاءِ في گھر 5 لک رپيا ڏنا وڃن ۽ جن جا فصل تباھ ٿيا آھن انهن کي في ايڪڙ 50 ھزار جي حساب سان معاوضو ڏنو وڃي، قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪرڻ گھرجن.

 

ارشاد لغاري/ چمبڙ

 

عالمي ادارن کان ٻوڏ جي انڪوائري ۽ سروي ڪرائي وڃي!‎‎

 

سڀ کان پهرين برساتن سبب پاڪستان جو صوبو بلوچستان متاثر ٿيو، جنهن جو سبب جابلو علائقن سان گڏوگڏ ڏکين رستن جي ڪري عام ماڻهو جي مدد ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم هو، جابلو علائقن تائين گاڏين نه پئي پهتيون، اتي پاڪستان آرمي جا هيلي ڪاپٽر روانا ڪيا ويا، جنھن دوران پاڪستان آرمي جا ڪجھ آفيسر شهيد ٿيا! ھاڻ هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بلوچستان جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ جو سبب ڏکيا رستا هئا پر سنڌ جي هر ڳوٺ هر شهر ۾ سولائيءَ سان پهچي پي سگهيا، ان باوجود به گوٺن جا گوٺ شهرن جا شهر ٻڏي ويا سو آخر ڇو؟ برساتون ته هر سال پونديون آهن ۽ تمام گهڻيون به ٿينديون آهن، ان وقت ايتري تباهي ناهي ايندي، جيتري دريائن کي هٿرادو ڪٽ هڻڻ سبب تباهي ايندي آهي، جنهن ڪري اربين رپين جا فصل ٻڏي ويندا آهن ۽ ڳوٺ توڙي شهر منٽن ۾ پاڻي سان ڀرجي ويندا آهن. جڏهن اتي جي لوڪل ماڻهن کان پڇيو وڃي ٿو ته انهن جي هر ڀيري ايندڙ ٻوڏ تي هڪ ئي ڳالھ هوندي آهي ته اسان کي حڪمران ڌر کان وٺي سردارن تائين سڀئي ڃاڻي واڻي ٻوڙيندا آهن، جيڪڏهن ايترن سالن کان جيڪي ٻوڏون اچن پيون، انهن ٻوڏن جي پٺيان واقعي انساني ڪوتاهي ٿيندي رهي آهي ته اهو سراسر ناجائزي آهي، ڇو ته ان ڪوتاهيءَ ڪري انسانن سان گڏوگڏ جانور ۽ ٻني ٻارا سڀ ختم ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري ملڪي معيشت سان گڏوگڏ عام ماڻهن جا خواب چڪناچور ٿي ويندا آهن، ان ڪري بقول اتي جي ماڻهن جي ته اهي ٻوڏون قدرتي نه پر هٿرادو آهن ته پوءِ هڪ ڪميشن جوڙيو جنهن ۾ سياسي مداخلت بلڪل نه هجي ۽ ٻيو ته ان ڪميش ۾ عالمي ادارن کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن هر سال ٻوڏ ۾ ٻڏندڙ ڳوٺن توڙي شهرن کي بچائي سگهجي.

 

دليپ آزاد/عمرڪوٽ

 

خيرپورميرس جي حال لاءِ ڇا ڪجي؟

 

سنڌ جو حال ته ڪنھن کان ڳجھو ناھي، ٻوڏ تي سياست ٿي رھي آھي، اسان جيڪڏھن خيرپورميرس جي صورتحال تي نظر وجھو ته خيرپور جا 8 تعلقا ٻڏي ويا آھن، ڪوٽڏجي مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ آھي، زراعت سان گڏ چوپايو مال به مري رھيو آھي، آبادگارن جا گھر به ويا ته پوکيل فصل به ۽ کجين جا باغ به تباھ ٿي ويا، ھن وقت اڃا تائين ڳوٺن ۽ شھرن ۾ پاڻي بيٺل آھي، جيڪو سينوارجي سائو ڌپ ڪري چڪو آھي ۽ وڏا مڇرن وڌيا آهن، اسيٽيٽ جي اندر اسٽيٽ آھي پوءِ جيئن ماڻھن کي پيڙين سندن مرضي، پوليس ھڪڙن جي حوالي، روينو ڊپٽي ڪمشنر ٻين جي حوالي، ساڳيءَ طرح ھر ڪنھن جي ونڊ ورھاست ٿيل آھي، مجال آ جو ڪو سياستدان يا چونڊيل نمائندو ٻئي جي تعلقي يا تڪ ۾ ٽپي يا پنھنجو ماڻھو رکرائي. ڊپٽي ڪمشنر ھڪ ته ھٽي ويو ۽ ٻئي کي رکرايو ويو، ڊپٽي ڪمشنر کي خيرپورميرس کي 4 ڪڙور 60 لک مليو آھي، اڃا خبر ناھي ته ڪيترا مٿان غريب، بي پھچ ۽ برسات ٿيل ماڻھن جا پئسا ايندا ته خيرپورميرس ۾ ڪم ڪري شھرن، ڳوٺن جو پاڻي ڪڍرائين، ماڻھو مرن ٿا ۽ چوپايو مال مري ٿو، زراعت تباھ آھي، بيمارين منھن ڪڍيو آھي، ڳوٺن جا دورا ڪريو، ماڻھو ڀاڄيون کير وٺي نٿا سگھن، ڊپٽي ڪمشنر کي ماڻھن جا مسئلا حل ڪرڻا آھن پر ڊپٽي ڪمشنر ته ماڻھن سان ملي به نٿو، ڳوٺن ۾ پاڻي سينوارجڻ سان مڇرن جو آزار وڌيو آھي، عام زندگي روزمره جي زندگي گذارڻ ڏکي ٿي پئي آھي. 4 ڪروڙ 60 لک پئسو ٿورو ناھي، جيڪڏھن صرف شھرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪالي ڪرايو وڃي ۽ ماڻھن کي ٽينٽ ڏنا وڃن ته گھڻو ڪجھ ٿي سگھي ٿو ۽ ايئن سنڌ جي ھر ضلعي ۾ ضلعي آفيسر ايمانداريءَ سان ڪم ڪن ته ماڻھن کي ڪجھ سهائتا ڪري سگھجي ٿي پر اھي ڪم ڪندا نه سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اھي ڪنھن جي آشيرواد سان ايندا آھن پوءِ آھي ڪميشن آفيسر به چري انھن کان سواءِ نه سگھندا، انھن جا ھٿ ٻڌل آھن، اھي لڪير جا فقير آھن.

 

ساگر شفيق وساڻ/جھنگو وساڻ

 

ڇا ڪشمور ضلعي ۾ امن ٿي سگهي ٿو؟‎‎

 

گهَڻي وقت کان نظر پيو اچي ته ڪڏهن پوليس جي جوانن جا لاش روڊن تي پيل آهن ته ڪٿي وري شهرين جا لاش رت سان ڀريل رستن تي پِيل آهن، ڪچي جا رهواسي غير محفوظ بڻيل هئا، هن وقت ته عام شهري پڪي جا رهواسي به غير محفوظ بڻجي ويا آھن. ڪشمور ضلعي ۾ اغوا جون وارداتون ختم نه ٿي سگهيون آھن. گذريل رات تنگواڻي پل ويجهو ڳوٺ آچر خان واسي فقير نظر حسين جو فرزند مڇي فارم تان هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويو. جمعي ڏينهن تنگواڻي پوليس جي حد ڳوٺ محمد حيات کوسو پوليس پڪٽ تي ڊيوٽي دوران سپاهي عبدالنبي بجاراڻي هٿياربندن هٿان ڏينهن ڏٺي گولين سان پروڻ ڪيو ويو. اهڙن واقعن تي انهن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آھي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به خوف، حراس وارو ماحول پيدا ٿيندو پيو وڃي. هيءَ ڪي برما جا رهواسي نه پر ڪشمور ضلعي جا رهواسي آھن، جيڪي اغوا پيا ٿين، انهن جي گهرن اندر وارثن جون رڙيون، دانهون ۽ ڪوڪُون آھن، بس آسمان طرف انهن جي وارثن جون نظرون آھن ته انساني ملائڪ ضرور ايندا، اسان جي واهر لاءِ، انگن ۽ اکرن کي ملايو وڃي ته هڪ هفتي اندر ڇهه ماڻهو اغوا ٿي ويا آھي. واضع رهي ته ڪشمور گهوٽڪي ميگا پل جو مرامتي ڪم شروع ٿيڻ کان پهريان عام شهري توڙي ڪچي جي غير محفوظ بڻيل رهواسين اعليٰ عملدارن کان گهر ڪئي هئي ته ڪچي اندر پوليس اٽالن سان گڏجي پاڪ رينجرس جي جوانن سان هڪ آپريشن ڪرايو وڃي جيئن، اسين غير محفوظ بڻيل عوام سک جو ساهه کڻي سگهون. جڏهن ڪشمور، گهوٽڪي جي پل جو مرامتي ڪم هلڻ شروع ٿي ويو ته چيف منسٽر سنڌ مراد علي شاهه ڪچي اندر دور ڪيو هو، سندس دوري دوران پريس ڪانفرنس ٿي گذري هئي ته هڪ سيٽ لائيٽ چينل جي صحافي سوال ڪيو هو ته شاهه صاحب هن وقت ڪشمور ضلعي جا حالتون تمام ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ آھن، جي لاءِ اوهان طرفان ڪچي اندر هڪ حساس آپريشن ڇو نه ٿو ڪرايو وڃي؟

 

امان الله ملڪ/ڪشمور

 

سنڌ ۾ شاگرد انقلاب ڇو ضروري آھي؟

 

جهڙيءَ ريت ڪنهن ملڪ لاءِ پارليامينٽ جو هجڻ ضروري آهي، اهڙي ريت تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جو هجڻ به لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ذريعي چونڊجي ايندڙ شاگرد اڳواڻ تعليمي اداري ۾ سمورن مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائين ٿا، ان سان گڏ شاگرد يونين آئيني ۽ جمهوري حق پڻ آهي، آئين جو آرٽيڪل شاگردن کي پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ جو حق ڏئي ٿو، شاگرد يونينز ملڪ کي تمام وڏا سياسي اڳواڻ ڏنا آهن، شاگرد يونين سياسي اڳواڻ پيدا ڪندڙ نرسريون آهن، جن جي ذريعي شاگرد سياست سکي ٿو، سماج جو ذميوار فرد بڻجي ٿو، فڪري بحث مباحثن ذريعي سياسي شعور اجاگر ٿئي ٿو، اھڙا کوڙ نالا آهن جيڪي شاگرد سياست مان اڀريا، ون يونٽ جي تحريڪ هجي يا فوجي آمر جي آمريت خلاف جدوجهد هجي، ان ۾ شاگردن ۽ شاگرد يونينز ڀرپور ڪردار نڀايو، جنهن جي موٽ ۾ مٿن تشدد ڪيو ويو ۽ کين جيلن ۾ واڙيو ويو، جيڪڏهن تعليمي ادارن ۾ هٿيار اچن ٿا ته پوءِ ان کي روڪڻ ڪنهن جو ڪم آهي؟ اهو سوال رياست تي ئي آهي ته ايئن ڪيئن تعليمي ادارن ۾ هٿيار پهچن ٿا، هڪ ٻيو دليل ڏنو ويندو آهي ته سياست ڪندڙ شاگرد پڙهائي تي ڌيان نه ڏيندا آهن. کين تاريخ پڙهڻ گهرجي ته ڊاڪٽر اديب رضوي به شاگرد سياست جو حصو هو، هاڻ سندس ڪم ۽ ڪردار ڏسو ته ڪيترن ئي انسانن جي زندگيون بچائي ٿو، ان سميت کوڙ نالا آهن جيڪي شاگرد سياست مان اڀريا ۽ سماج جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو، گذريل ٿورڙي عرصي ۾ ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ ڏسجي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سوين مسئلا پيش آهن، جيڪي حل ٿيڻ بدران وڌندا پيا وڃن، اهو ئي سبب آهي جو شاگرد هن ڀيري منظم صورت ۾ پنهنجي مطالبن سميت روڊن تي نڪتا.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

زندان جي جھروڪن مان!

 

پنهنجي والد ۽ والده ڏانهن لکيل خط!

 

 

قابل احترام جان کان وڌ پيارا بابا سائين ۽ منهنجي اکين جي ٺار امڙ، رب پاڪ ۾ اميد آهي ته توهان خوش، سلامت ۽ خير و عافيت سان هوندا، آمين. مان به هت توهان جي دعائن سان ٺيڪ ٺاڪ آهيان، وقت گذري رهيو آهي، اميد آهي ته ڌڻي تعاليٰ جلد آزادي عطا ڪري جيئن توهان جي خدمت ۾ بقايا زندگي گذاريا. بابا سائين برسات جو موسم آهي، تمام سخت برساتون پئجي رهيون آهن، مان ته هتي جيل ۾ ٻين قيددين سان گڏ محفوظ آهيان، پر توهان جي لاءِ فڪرمند رهان ٿو، شال رب پاڪ توهان کي هن تڪليف واري گھڙيءَ کان محفوظ رکي، آمين. خبر ناهي توهان کي الائي ڪيتري ڏکيائي ٿيندي هوندي، جاين جي حالت ڪيئن آهي؟ روڊ رستا ته سڀ ٻڏل هوندا، مان هتي ٽي وي تي صورتحال تمام گھڻي خراب پيو ڏسان، بس رب سائين هر انسان ۽ جيت پرند کي انهن آفتن کان محفوظ رکي. توهان کي ۽ امڙ جيجل کي، ڀينرن ۽ ڀائرن سميت اوڙي پاڙي کي پڻ پنهنجي حفاظت ۾ رکي، آمين. برسات بابت ادا عارف جي هٿان خبر موڪليندا رهو ته جيئن مون کي ڪجھه آٿت ملي. بابا سائين، ملاقات تي توهان مون سان هڪ ڳالهه ڪئي هئي، منهنجي سالن جي باري ۾، مان اها ڳالهه ٻڌي پريشان ٿي ويو آهيان ۽ اڃا تائين ڪو فيصلو ڪري نه سگھيو آهيان. بابا سائين حڪومت طرفان قيدين کي معافي ملي آهي، اميد ته اها معافي مون کي به ملي. بابا سائين اوهان پريشان نه ٿيو آءُ هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿي ايندس، بابا سائين امڙ جيجل ڪيئن آهي؟ ڀينرون ۽ ڀائر ڪيئن آهن، اهو سمورو احوال موڪليندا. رب تعاليٰ توهان سڀني کي پنهنجي امان ۾ خوش رکي، آمين. پنهنجا سمورا ڪم ڪار لاهي جڏهن بلڪل واندا ٿيو ته پوءِ منهنجي ملاقات تي جيل اچجو، جلدي ناهي. سلام توهان امڙ جيجل، ڀينرن، ڀائرن ۽ سڀني کي منهنجا سلام ۽ مون لاءِ دعائون گھرندا رهندا ۽ منهنجي دوستن اعجاز، رياض شوڪت، حسن، برڪت، شاهنواز، اياز سيال ۽ بچل چانڊيو کي منهنجا سلام ڏيندا، فقط توهانجو.

 

سردار محمد ايوب بروهي/ سينٽرل جيل حيدرآباد