آپگھات يا قتل: ڏيپلو ويجھو لڄالٽ بعد آپگھات ڪندڙ ناري ليلا ميگھواڙ جي ڀاءُ جو لاش ھٿ

0
353
آپگھات يا قتل: ڏيپلو ويجھو لڄالٽ

ڏيپلو (رپورٽر) ڏيپلو ويجهو لڄالٽ آپگهات ڪندڙ ناري ليلا ميگهواڙ جي ڀاءُ جهامن به آپگهات ڪيو يا کيس قتل ڪيو ويو؟ ليلا ميهگواڙ جي ڀاءُ جهامن جو اسلام ڪوٽ جي هڪ مسواڙي گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو

ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته ليلا ميگهواڙ ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا مليل بااثر جوابدارن پاران جهامن تي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ زبردست دٻاءُ هو، ليلا ميگهواڙ سان زيادتي بعد آپگهات ڪيس ۾ عدالت جوابدار ڪونپجي ٺڪر کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي

ٿر جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڪيس هو جنهن ۾ پهريون ڀيرو آپگهات ڪندڙ ڪنهن ناريءَ جي ڊي اين اي چڪاس ٿي ۽ جوابدار کي سزا ملي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

پٿورو: ناري مبينا طور گھر اندر ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو