سيوھن ويجھو حادثي ۾ فوت ٿيل 20 ڄڻن جا مڙھ خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو پھچايا ويا، علائقي ۾ سوڳ

0
208
سيوھن ويجھو حادثي ۾ فوت ٿيل

خيرپور (رپورٽر) سيوهڻ ويجهو لونءَ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 20 ڄڻن جا مڙهه خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو پهچايا ويا، هڪ ئي وقت 20 مڙهه پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو

حادثي جي فوتين ۾ نئين پرڻيل ڪنوار، ٻار ۽ عورتون به شامل آھن، ڦلپوٽا برادري جا ماڻهو گذريل رات سکان کڻي قلندر جي درگاهه وڃي رهيا هئا ته وين انڊس هاءِ وي تي لڳل ڪٽ وٽان ڪلٽيون کائي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي، اڪثر ماڻهو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيا

حادثي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ ڪنوار ثنا، صمد خاتون، مسمات شاهدا، ليليٰ، سونهن، مديحه، بينطير، مسمات ڀنڀل، مسمات ثنا، نجمه، شهزادو، شاهنواز الهڏنو ۽ ٻيا شامل آھن

وڏي وزير پاران حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار، حادثي جي زخمين کي علاج معالجي جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

سيوهڻ ڀرسان وئن سان خوفناڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 20 ڄڻا اجل جو شڪار