آر بي او ڊي منصوبو واپڊا کي ڏيڻ واري ڳالهه

0
199
سي-جي فلڊ ڪينال کي مستقل بڻائڻ جي سرگرمي

  چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي چيف منسٽر مراد علي شاهه وٽ هڪ سمري پئي آهي، جنهن ۾ اهو لکيل آهي ته اهو منصوبو واپڊا جي حوالي ڪيو وڃي، جو سنڌ کاتي طرفان ان جي ڪم جي رفتار سٺي ناهي. اچو ته انهيءَ بابت وڌيڪ ڳالهه ڪريون:

آر بي او ڊي منصوبو آهي ڇا؟

                 اهو منصوبو اهو آهي ته قمبر-شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي سم جو پاڻي انهيءَ منصوبي تحت سمنڊ ۾ وڌو وڃي. هي هڪ پراڻي آکاڻي آهي. مان پڻ سيوهڻ جي ويجهي ڪرمپور ڳوٺ ۾ ان وقت جي فوجي سربراهه پرويز مشرف کي اريگيشن کاتي جي سيڪريٽري هجڻ جي حالت ۾ پريزنٽيشن ڏني. مون ان ۾ ٻڌايو ته اهو انهيءَ ڪري ڪرڻ ضروري هو ته جيئن آر بي او ڊي جو سم جو پاڻي سڌو سمنڊ ۾ هليو وڃي. انهيءَ کان اڳ ۾ اهو منڇر ڍنڍ ۾ وجهڻو هو. بلڪه منڇر ڍنڍ ۾ وڌو ويو، جنهن ڪري منڇر ڍنڍ خراب ٿي وئي. مهاڻا برباد ٿي ويا، انهن جو روزگار ختم ٿي ويو. جيڪا منڇر جي مٿين ڀر آبادي ٿيندي هئي، سا ختم ٿي وئي. سائبيريا کان ايندڙ پکي اچڻ گهٽجي ويا. مطلب ته ڪيترا ماحولياتي ۽ معاشرتي نقصان ٿيا. انهيءَ جو اهو حل ڪڍيو ويو ته اهو پاڻي منڇر  بجاءِ سڌو سنڌو درياهه ۾ وڌو وڃي. پر ڪجهه وقت اڳي جڏهن منڇر ڍنڍ ۾ ايندڙ پاڻي، درياهه ۾ وڌو ويو ته هيٺ حيدرآباد شهر جو پيئڻ جو پاڻي ايترو خراب ٿيو ته ڪيترا موت واقع ٿيا ۽ ڪراچي تائين اثر پهتو. تنهن کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته منڇر ڍنڍ ۾ وجهڻ بدران اهو سم جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ به نه  وڌو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ لنڪ منڇر کان سنڌو درياهه جي ويجهو تائين ڪڍيو ويو، پر ان کي درياهه ۾ وجهڻ لاءِ هڪ ريگيوليٽر ٺاهڻو هيو، جيڪو نه ٺهيو هو. تنهن تي پرويز مشرف اهو فيصلو ڪيو ته درياهه ۾ وجهڻ بدران اهو سمنڊ ۾ نيو وڃي.

واپڊا کي ڏيڻ واري ڳالهه:

جڏهن انهيءَ جي ٺاهڻ لاءِ پئسا وفاق کان ملن ٿا ته اهو منصوبو سنڌ ڇو نه ٺاهي؟ اهو سنڌ جو آبپاشي کاتو اڳي ئي ٺاهي پيو. پوءِ واپڊا کي ڇو ڏنو وڃي؟ هاڻي جي پروگريس سٺي ناهي ته اهو سنڌ سرڪار پاڻ ٺاهي ۽ پروگريس سٺي ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي. هي منصوبو سال 2001ع ۾ ٺهيو هو ۽ ان وقت ان جي قيمت 14 ارب  رپيا هئي. تنهن کانپوءِ اهو وري ريوائيز ڪيو ويو ۽ ان جي قيمت وڌي 30 ارب رپيا ٿي وئي. سال 2010ع جي ٻوڏن ۾ ان کي ڪافي نقصان ٿيو ۽ ان جي قيمت وڌي 62 ارب رپيا ٿي وئي، جنهن ۾ اٽڪل 8 ارب رپيا وفاق بدران سنڌ سرڪار کي ڏيڻا هئا. هن سال واري برساتن ۾ انهيءَ منصوبي کي وڌيڪ نقصان ٿيو ۽ ان جي قيمت اٽڪل 100 ارب رپيا ٿيندي. ايڪنيڪ اهو فيصلو ڪيو هو ته انهيءَ منصوبي لاءِ سنڌ سرڪار 8 ارب رپيا ڏي. هاڻي ان منصوبي جي قيمت وڌي 100 ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ايڪنيڪ وري فيصلو ڪندي ته انهيءَ مان ڪجهه ارب رپيا سنڌ سرڪار ڏيندي.

جڏهن مٿين صورتحال آهي ته سنڌ سرڪار آبپاشي کاتي بدران ڇو واپڊا کي ڏئي؟ منهنجي خيال ۾ اهو منصوبو سنڌ سرڪار وٽ ئي رهڻ کپي. رڳو اهو اعلان ڪيو وڃي ته اريگيشن کاتو ان جي پروگريس وڌائي. اميد ته انهيءَ نموني نه رڳو ان جي پروگريس وڌندي ۽ اهو منصوبو سنڌ سرڪار وٽ ئي رهندو.