ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار عمران عباس اعتراف ڪيو آهي هو ڊارمن ۾ سرخي ناهي لڳائيندو، نالي واري ماڊل ۽ اداڪار عمران عباس هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جٿي کائنس مختلف سوال ڪيا ويا جن تي هن کلي ڳالهايو پروگرام جي ميزبان اداڪار کان پڇيو ته ڇا توهان سرخي لڳائيندا آهيو؟، جنهن تي جواب ڏيندي عمران عباس چيو ته مان سرخي ناهيان لڳائيندو۽ هي ڳالهه مان آن ايئر چوان ٿو ائين بلڪل به نه آهي. آئون سرخي نه لڳائيندو آهيان منهنجا چپ ئي اهڙا آهن. عمران عباس جا چيل اهي جملا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا جنهن تي صارفين مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.