آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ۽ ڀارت آمھون سامھون، انڊيا پاران ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو

0
235
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ

ڪراچي: انتظار جون گهڙيون ختم ٿي ويون، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل ۾ روايتي حريف ڀارت طرفان ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بئٽنگ جي دعوت ڏني وئي آھي

 مها دنگل ۾ پاڪستان ۽ ڀارتي ٽيمن جا ڪپتان ميدان مارڻ لاءِ پُرعزم، پاڪستان ٽيم ۾ 3 فاسٽ بالرز ۽ 2 اسپنرز شامل آھن، ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته اسان به ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪريون ها

India's Playing11 Against Pakistan In T20 World Cup 2022, INDvsPAK Probable Playing11

ڪپتان بابر اعظم موجب هاڻي ڀارت کي 160 کان 170 رنسن جو ٽارگيٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو ته مئچ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي، سٺي وڪيٽ لڳي رهي آهي، بال سوئنگ ٿيندو

روھت شرما موجب پاڪستان کي شڪست ڏينداسين، مها مقابلو ڏسڻ لاءِ ميلبورن جو اسٽيڊيم شوقينن سان ڀرجي ويو، برسات پوڻ جا به امڪان گهٽجي ويا، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪ-ڀارت دنگل ڏسڻ لاءِ وڏيون وڏيون اسڪرينون پڻ لڳايون ويون

ھي به پڙھندا

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: سريلنڪا نيڌرلينڊ کي 16 رنز، يو اي اِي نميبيا کي 7 رنز تان هارائي ڇڏيو