ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي تبديلي خلاف حڪم اسٽي آرڊر جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب گھري ورتو آهي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ سعودي ۽ ڪويت جي ڪمپنين الجميعه ۽ ڊينما انويسٽمينٽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي تبديليءَ کي چئلينج ڪيو ويو. درخواست ۾ آءِ جي ايف سي، مارصل، الوريض ۽ ڪراچي ايڪسچينج کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي تبديلي لاء پاڪستان جي حڪومت طرفان سيڪيورٽي ڪليئرنس جي منظوري لازمي آهي، بورڊ آف بزنسز جي 75 سيڪڙو اسٽيڪ هولڊرز جي منظوري کان بغير بورڊ ۾ تبديلي نه ڪئي وئي، ڪيترن ئي ريگوليٽري ادارن جي منظوري کان بغير اختيارين  ۾ تبديلي نٿي ٿي سگجھي، اسٽيڪ ھولڊرز ۽ ريگوليٽري ادارن جي منظوري کان سواءِ سڌيءَ طرح اليڪشن به نه ٿي سگهي ٿي، عدالت حڪم امتناع جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان جواب گھري ورتو آهي.