سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل معامرو، عدالت آءِ بي اي يونيورسٽي پاران ساک کي نقصان پھچائڻ واري ڪيس جو شاگردياڻي بختاور سومرو جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو، يونيورسٽي انتظاميا پاران داخل ڪرايل درخواست رد ڪري ڇڏي، آءِ بي اي يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر پروفيسر مير محمد شاھ ۽ ان وقت جي رجسٽرار موجودهه اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر زاھد کنڊ طرفان ساک کي نقصان پھچائڻ تي بختاور سومرو خلاف عدالت ۾ ھرجاڻيءَ جو ڪيس داخل ڪرايو ھو، بختاور سومرو موجب ٿرڊ ايڊيشنل ايڊيشنل سيشن جج جھانگير مھر جي عدالت سندس حق ۾ فيصلو ڏنو آھي، هن ٻڌايو ته مون مٿان يونيورسٽيءَ جي ساک کي نقصان پھچائڻ ۽ ڪوڙا الزام لڳائي 50 ڪروڙ روپين جي هرجاڻي جو ڪيس ڪيو ويو ھو، واضع رھي ته آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل جي مک ڪردار بختاور سومرو پاران ھڪ وڊيو ٺاھي آءِ بي اي جي ذميوارن مٿان حراسمينٽ، ڪرپشن سميت سنگين قسم جا الزام مڙھيا ويا ھئا.