حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪراچي ڊويزن ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ موڪل سبب اڄوڪا رٿيل امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا آهن. امتحاني ڪنٽرولر پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ اڄ موڪل آهي، جنهن ڪري 17هين گريڊ ۾ ليڪچرار جي ملازمت لاءِ زولاجي، ميٿاميٽڪس، باٽني ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي لکت واري ٽيسٽ ملتوي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي اها ٽيسٽ 8 مئي 2024ع تي ورتي ويندي. پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ اربع جي ڏينهن اميدوار ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ قائم سينٽرن تي ٽيسٽ ڏين ها جيڪا هاڻي کانئن اعلانيل تاريخ تي ساڳئي هنڌ ورتي ويندي.