ھالا (ن پ ا) ھالا واسي ھالا پراڻا پڪنڪ پوائنٽ تي گھمڻ لاءِ ويندڙ قريشي برادري جا 5 ٻارڙا ھڪ ٻئي سان ڀوڳ ڪندي ھالا پراڻا سنڌو درياهه ۾ پنجئي ڄڻان ڪري پيا، جنھن مان 3 ڄڻن عيان ولد خالد قريشي، شعبان ولد شفيق قريشي، ۽ وھاب ولد نديم قريشي کي صحيح سلامت ڪڍيو ويو آھي، جڏھن ته مقامي ٽوٻن پاران ٻن ٻارڙن جي ڳولا جاري آھي، سنڌو درياهه ۾ ڪري گم ٿيلن ۾ ھالا واسي 10 ورھين جو فيضان ولد عبدالحميد قريشي، 12 ورھين جو رزاق قريشي شامل آھن، ٻارڙن جي وارث عبدالحميد قريشي موجب اڄ شام پنجئي ڄڻا گھمڻ لاءِ ھالا پراڻا پڪنڪ پوائنٽ تي ويا ھئا، ڪافي دير کان پوء اطلاع مليو ته ھالا پراڻا سنڌو درياهه ۾ پنجئي ڄڻان ڪري پيا ھئا جنھن مان ٽن ڄڻن کي صحيح سلامت ڪڍيو ويو آھي، جڏھن ته ٻه ٻارڙا ھن محل تائين درياهه مان نه مليا آھن، انتظاميا راوايتي آسرا پئي ڏئي، سينئر ٽوٻا نٿا گھرايا وڃن، ھن انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته درياهه ۾ پڏي گم ٿيل ٻارڙن کي صحيح سلامت ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي وڃي، اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا عابد قمر شيخ جو چوڻ ھو ته مقامي ٽوٻا ڪوشش ڪري رهيا آھن ۽ ٽنڊو محمد خان مان سينئر ٽوٻن کي به طلب ڪيو ويو آھي، جن جي ڪوششن سان ٻارڙن کي ڳوليو ويندو، ھالا پراڻا واقعي واري ھنڌ ھالا ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين گل محمد پنھور، اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا عابد قمر شيخ، ڊي ايس پي ھالا وسيم ممتاز ڪلوڙ پهچي ويا. 5 ڄڻن مان 3 صحيح سلامت ٻاھر نڪرندڙن ۾ شامل آھن،