راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي مان اغوا ٿيل ايف بي آر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رحمت الله خان جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب رحمت الله خان کي 12 اپريل تي آر اي بازار ٿاڻي جي علائقي ڪمال آباد مان اغوا ڪيو ويو هو، پوليس ٻڌايو ته سرڪاري آفيسر جو لاش سرائي خوبوزا مان هٿ آيو، سندس اغوا ۽ قتل ۾ ملوث چئني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هٿيار ۽ واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي به برآمد ڪئي وئي آهي. جوابدارن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي قتل ڪري لاش دفن ڪري ڇڏيو هو، انهن جي سڃاڻپ وحيد گل، صادق، محمد بهادر ۽ عبدالله جي نالي سان ٿي آهي ۽ سندن نشاندهي تي لاش ڳولي پوسٽ مارٽم لاءِ استعمال نيو ويو. پوليس موجب جوابدار مقتول جا دوست ئي هئا، جوابدار صادق مقتول جي گهر جو مالڪ به هو.