اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس معطل ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هي هڪ فوجداري ڪيس آهي ۽ ان ۾ معمولي شڪ جو فائدو به جوابدارن کي ملي سگهي ٿو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سائفر ڪيس ۾ سزا خلاف اڳوڻي وزيراعظم عمران خلافن ۽ شاهه محمود جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جو وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر حامد شاهه ۽ ذوالفقار عباس نقوي به عدالت ۾ پيش ٿيا، ايف آءِ اي جي اسپيشل پرياسيڪيوٽر حامد علي شاهه ٻڌايو ته سائفر ٽيلي گرام سائفر سيڪشن کي مليو، چيف جسٽس عامر ان دوران چيو ته پهرين سائفر جي تعريف ڪريو ته اهو ٿيندو ڇا آهي. جنهن تي حامد شاهه ٻڌايو ته سائفر اي ميل ذريعي 7 مارچ تي واشنگٽن مان آيو، سائفر کي سائفر سيڪشن ۾ نمبر لڳايو. چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل سلمان صفدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان خوش قسمت آهيو توهان اهو ڪتاب ڏٺو آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڇا ڪوڊڊ سائفر ميسج ڪنهن اسٽيج تي انٽرسيپٽ ته ناهي ٿيو، توهان ڪيئن چئي سگهو ٿا ته سائفر اڪائونٽيبل ڊاڪيومينٽ آهي، جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر حامد علي شاهه جواب ڏنو ته جي ڪوڊڊ سائفر ڪنهن اسٽيج تي انٽرسيپٽ ناهي ٿيو. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ڪتاب جي اندران پڙهي ٻڌايو ته سائفر کي اڪائونٽيبل ڊاڪيومنٽ ڪيئن چوندا؟ چيپٽر 8 ۾  لکيل آهي ته هڪ ڀيري سان انٽرسيپٽ نه ٿيندو، پر بار بار ڪندا تڏهن به معلوم نه ٿي سگهندو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وڌيڪ چيو ته ٽرائل جج چيو ته هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ڇا اهو قانون آهي؟ يا هدايتون آهن جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر حامد شاهه ٻڌايو ته اهي سيڪريٽريٽ جون هدايتون آهن. عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي.