دبئي (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب خان چيو آهي ته هاڻي ڪا به ايمنسٽي اسڪيم نه ايندي، ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو،  دبئي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته معاشي قدمن جو تعلق ڪنهن حڪومت سان نه ملڪ سان آهي، جون تائين ناڻي جا ذخيرا 9 کان 10 ارب ڊالرن تائين رهندا، جولاءِ تائين پي آءِ اي پرائيوٽائز ٿي ويندي، اسلام آٻاد ايئرپورٽ جي نجڪاري لاءِ ترڪيه ۽ يورپ سان ڳالهيون هلن پيون، لاهور ۽ ڪراچي هوائي اڏن کي به پرائيوٽائز ڪيو ويندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي في الحال عالمي فنڊنگ جي کوٽ ناهي، ڪرنٽ خسارو گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي، جڏهن ته ڊجيٽل پاڪستان لاءِ ورلڊ بينڪ 10 سالن تائين سپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته هاڻي ڪا به ايمنسٽي اسڪيم نه ايندي، ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، اسان بين الاقوامي ادائيگيون ڪاميابي سان ڪري رهيا آهيون، پاڪستان تي عالمي ادارن جو اعتماد بحال ٿي چڪو آهي. اماراتي بينڪس کان ڊگهي مدت لاءِ ٽريڊ فنانس ملڻ جي اميد آهي.