ڪراچي:ڪراچي ۾ ڇاڇرو سان تعلق رکندڙ پورهيت نينگر رفيق کي تشدد ڪري مارڻ واري ڪيس ۾ پوليس بنگلي جي مالڪياڻيءَ کي گرفتار ڪري ورتو آهي
ان سلسلي ۾ ايس ايس پي زبير نذير شيخ چيو آهي ته گرفتار ڪيل عورت شيري حسين تي قتل، اقدام قتل ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، تشدد جو نشانو بڻيل هڪ ٻار کي ٿر مان گهرائي طبي معائنو ڪرايو ويو
پوليس جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل چيڪ ۾ ٻار تي تشدد جي تصديق ٿي، ڇاڇرو سان تعلق رکندڙ رفيق ۽ سندس 2 ڀائر بنگلي تي ڪم ڪندا هئا
مقتول نينگر رفيق جي ڀائرن رشيد ۽ رزاق ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته باجي شيري اسان جي پٺيءَ تي گرم پاڻي هاريندي هئي، ڇرين سان ٻانهن تي وڍ ڏيندي هئي
هي به پڙهندا
ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ ٿر واسي نينگر پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ ظاهر