ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 21 هزار کان وڌي ويو

0
294

ڪراچي:ترڪيه ۽ شام ۾ آيل زلزلي جي ڪري فوتين جو انگ 21 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، زلزلي کي 4 ڏينهن گذرڻ بعد ملبي مان ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي زنده ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ ماڻهن کي زنده ڪڍڻ جون اميدون دم ٽوڙي ويون آهن

<p>سب سے زیادہ تباہی غازی انتیپ اور قہر مان مرعش کے درمیان زلزلے کے مرکز پر ہوئیں — تصویر: اے ایف پی</p>

ريسڪيو عملو مسلسل ٿڌ ۾ انساني جانيون بچائڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آهن، هن وقت تائين ڪيترن ئي خاندانن کي زندهه بچايوويو آهي

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي بعد هر پاسي خوفناڪ منظر آهن، ڪٿي خاندان زنده ڪڍيا ويا ته ڪٿي وري خاندان اُجڙي ويا آهن، هر پاسي ڏک واري صورتحال آهي، سڄي دنيا مان ترڪيه ۽ شام جي مدد جو سلسلو جاري آهي

<p>ترکیہ اور شام میں زلزلے سے 5 ہزار سے زائد افراد جاں بحق ہوئے—فوٹو: رائٹرز</p>

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته امدادي پروگرام جو سربراهه ترڪيه ۽ شام جو دلدو ڪندو، زلزلي سٽيل علائقن ۾ ماڻهن کي مرڻ کان بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن مدد جي ضرورت آهي

پاڪستان پاران به ترڪيه جي امداد ڪئي پئي وڃي، پاڪستان پاران ترڪيه جي زلزلي سٽيل عوام لاءِ اڄ وڌيڪ 142 ٽن امدادي سامان اماڻيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي هوائي اڏي تي پهچي امدادي سامان ترڪيه ڏانهن اماڻڻ جو جائزو ورتو

<p>یر کو پہلا زلزلہ 20 لاکھ آبادی پر مشتمل قہر مان اور غازی انتیپ شہر کے درمیانی علاقے میں آیا—تصویر: رائٹرز</p>

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪيه جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ترڪيه جي زلزلي سٽيل ماڻهن لاءِ 142 ٽن امدادي سامان اماڻي رهيا آهيون، امدادي سامان ۾ خيما، ڪمبل ۽ ٻيون شيون شامل آهن

<p>—فوٹو: اے ایف پی</p>

هن چيو ته  پاڪستان ۾ ٻوڏ دوران ترڪي جي قيادت ۽ عوام فراخدلي سان پاڪستانين جي مدد ڪئي هئي، پاڪستان به دل کولي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪندو

هي به پڙهندا

ملبي هيٺان ڪيترائي ڏينهن دٻيل ٻار نڪرندي ئي ٽهڪ ڏيندو رهيو