ڪراچي ۾ نينگر کي تشدد ڪري مارڻ واري ڪيس ۾ بنگلي جي مالڪياڻي گرفتار

0
429
ڪراچي ۾ نينگر کي تشدد ڪري مارڻ واري ڪيس ۾ بنگلي جي مالڪياڻي گرفتار
ڪراچي ۾ نينگر کي تشدد ڪري مارڻ واري ڪيس ۾ بنگلي جي مالڪياڻي گرفتار

ڪراچي:ڪراچي ۾ ڇاڇرو سان تعلق رکندڙ پورهيت نينگر رفيق کي تشدد ڪري مارڻ واري ڪيس ۾ پوليس بنگلي جي مالڪياڻيءَ کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي زبير نذير شيخ چيو آهي ته گرفتار ڪيل عورت شيري حسين تي قتل، اقدام قتل ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، تشدد جو نشانو بڻيل هڪ ٻار کي ٿر مان گهرائي طبي معائنو ڪرايو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل چيڪ ۾ ٻار تي تشدد جي تصديق ٿي، ڇاڇرو سان تعلق رکندڙ رفيق ۽ سندس 2 ڀائر بنگلي تي ڪم ڪندا هئا

مقتول نينگر رفيق جي ڀائرن رشيد ۽ رزاق ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته  باجي شيري اسان جي پٺيءَ تي گرم پاڻي هاريندي هئي، ڇرين سان ٻانهن تي وڍ ڏيندي هئي

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ ٿر واسي نينگر پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ ظاهر