ڪراچي: لاڙڪاڻي ۾ طوفاني وسڪارن راڱا ڪري ڇڏيا، 40 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، انتظاميا رستن ۽ گهٽين ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام آهن
ڪنڌڪوٽ شهر جا رستا ۽ گهٽيون تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، بازارن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ڪاروبار متاثر ٿيو آهي
حڪومتي ادارن پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ طوفاني وسڪارن تباهي ڪري ڇڏي، جڏهن ته رستا، گهٽيون ۽ پاڙا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن
گهر ڊهڻ سبب کُليل آسمان هيٺ ويٺل خاندانن جي انتظاميا سار نه لڌي، درياهه خان مري ۾ رستا پاڻي هيٺ اچڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيا آهن
تنگواڻي ۾ رستن ۽ گهٽين تي پاڻي بيٺل آهي، پاڻي جي گهيري هيٺ آيل ڳوٺن مان ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن
ھي به پڙھندا
https://thetimenews.tv/%d9%85%d9%84%d9%8a%d8%b1-%d9%86%d8%af%d9%8a%d8%a1%d9%8e-%db%be-%d9%84%d9%8f%da%99%d9%87%d9%8a-%d9%88%d9%8a%d9%84-%da%aa%d9%bd%d9%86%d8%a8-%d8%ac%d9%8a-7-%da%80%d8%a7%d8%aa%d9%8a%d9%86-%d9%85%d8%a7/