سنڌ ۾ برسات: مختلف واقعن ۾ 26 ڄڻا فوت: سوين گهر ڊهي پٽ

0
445

ڪراچي: سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر اُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سوڌو 26 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

دريا خان مري جي ڳوٺ غلام قادر مري ۾ گهر ڊهڻ سبب معصوم 3 ڀاءُ ڀينرون اجل جو شڪار ٿي ويون ۽ 3 عورتون زخمي ٿي پيون، فوتين ۾ عبدالغفار، سندس ڀينرون زاهده ۽ شهزادي ڀٽو شامل آهن

ٺارو شاهه جي ڳوٺ عظمت ديرو ۾ گهر ڊهڻ سبب پيءُ پُٽ دٻجي فوت، هڪ مينهن ۽ 10 ٻڪريون به دٻجي مري ويون، فوتين ۾ برڪت سيال ۽ سندس نوجوان پُٽ محمد ڇُٽل شامل آهن

دادو ۾ برسات دوران گهر پٽ پوڻ سبب هڪ ڄڻو ڌرمو باگڙي دٻجي فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،فيض گنج  ۾ 2 گهر ڊهڻ سبب ڳوٺاڻو مصري راجپوت ۽ نينگري آصفه شر دٻجي فوت ٿي ويا

 ڀريا روڊ جي ڳوٺ چانهين سهاڳ ۾گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت پروين لاشاري فوت ٿي وئي، جڏهن ته نصرپور ۾گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب پيرسن معشوق گهراڻو فوت ٿي ويو

ميان صاحب جي ڳوٺ عنايت جهلڻ ۾ هڪ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب 6 ورهين جي ٻارڙي دٻجي فوت ٿي وئي

قاضي احمد جي صاحب ڪالوني ۾ گهر جي ڀِت ڪري پئي، نينگر عبدالله آرائين فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ گهر ڇِت ڪِرڻ سبب ٻارڙي شاھده ڪنڀر دٻجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 2 ٻارڙيون زخمي ٿي پيون

ھي به پڙھندا

سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي

ٺل ۾ گهر پٽ پوڻ سبب ناري گُل خاتون دم ڏئي ڇڏيو، رتوديرو جي ريشم گهٽي پاڙي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 48 ورهين جي نگينا سرهيو ۽ سندس  22 ورهين جي نياڻي شاهه رخ دٻجي فوت ٿي وئي

ميھڙ جي سوجھرو ڳورڙ ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب اسلم ڳورڙ دٻجي دم ڏنو، ميھڙ جي ڳوٺ ٿيٻا ۾ ڀت ڪرڻ سبب پيرسن عورت سياڻي دٻجي فوت ٿي وئي

ڀريا روڊ ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت پروين لاشاري فوت، نوشهروفيروز ۾ پيرن واري مسجد جو گنبذ ڊهڻ جي نتيجي ۾ 10 کُٿابي دٻجي زخمي ٿي پيا

سنڌي ٻٽڙا جي ڳوٺ صديق جويو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نينگر  مظفر جويو فوت ٿي ويو، ڪڪڙ ڀرسان ڳوٺ ميوو چانڊيو ۾گھر ڊھي پيو، نوجوان سليم چانڊيو فوت ٿي ويو

فريد آباد ۾40،ڪُنب ۾ 20، گهوٽڪي جي علائقي سرحد ۾ 7،باڊهه ۽  شهدادڪوٽ ۾ هڪ هڪ گهر  ڊهي پٽ ٿي ويا، متاثر کُليل آسمان هيٺ ويٺل آهن

نوشهروفيروز ۾ پيرن واري مسجد جو گنبذ ڊهڻ جي نتيجي ۾ 10 کُٿابي دٻجي زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

گهوٽڪي ويجهو شينڪ بند ٽٽي پيو، ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل