سنڌ حڪومت برسات سبب ٿيل نقصان جو فوري ازالو ڪري: بلاول جو حڪم

0
330
سنڌ حڪومت برسات سبب ٿيل نقصان
سنڌ حڪومت برسات سبب ٿيل نقصان جو فوري ازالو ڪري: بلاول جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پارٽي جي سمورن ايم پي ايز توڙي ايم اين ايز کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي سڀ پنهنجن علائقن ۾ برسات متاثرن سان گڏ رهن ۽ انهن جي مدد ڪن

 

بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته سنڌ ۾ برسات سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس ٿيو آهي، متاثرن سان گڏ آهيون
بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي روڊ رستن جي حالت بهتر ڪرڻ توڙي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني ته برسات سبب سڄي صوبي ۾ 40 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت برسات سبب ٿيل نقصان جو فوري ازالو ڪري

بلاول چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي به گذارش ڪنداسين ته سنڌ ۾ برسات سبب ٿيل نقصان جو آزالو ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم سان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات

ڪاميابي مان ثابت ٿيو ته عوام کي تير تي اعتماد آهي:بلاول ڀٽو زرداري

ڌمڪي ڏني وئي هئي ته 19 هين ترميم پاس ڪيو، نه ته 18 هين ترميم اڏائي ڇڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري