سني اتحاد ڪائونسل جي حصي وارين سيٽن جي ورڇ لاءِ سڀاڻي اهم اجلاس طلب

0
47

اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي حصي وارين سيٽن جي ورڇ لاءِ سڀاڻي اهم اجلاس سڏائي ورتو

 ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ مخصوص سيٽن جي ورڇ بابت ٻين پارلياماني جماعتن جي درخواستن جو جائزو ورتو ويندو

 ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي لا ونگ مخصوص سيٽن جي ورڇ تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، سڀاڻي لا ونگ اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي

 اليڪشن ڪميشن رپورٽ جي روشني ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 77 مخصوص سيٽن جي مختلف پارلياماني جماعتن ۾ ورڇ بابت فيصلو ڪندي

 اليڪشن ڪميشن اهو فيصلو ڪندي ته سني اتحاد ڪائونسل جون 23 مخصوص سيٽون ڪهڙي تناسب سان ٻين جماعتن ۾ ورهايون وڃن