سينيٽ چونڊن دوران 19 سيٽن تي حڪمران اتحاد جا اميدوارڪامياب

0
41
سينيٽ چونڊن دوران 19 سيٽن تي حڪمران اتحاد جا اميدوارڪامياب
سينيٽ چونڊن دوران 19 سيٽن تي حڪمران اتحاد جا اميدوارڪامياب

سينيٽ چونڊن دوران 19 سيٽن تي حڪمران اتحاد جا اميدوار ڪامياب، پيپلزپارٽي 11، مسلم ليگ نواز 6 ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿي وئي

پيپلزپارٽي سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون ٻُهاري ورتيون، 96 رڪني ايوان ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن جو انگ 24 ۽ نون ليگ ميمبرن جو انگ 19 ٿي ويو

سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جا 20 ميمبرز موجود، اسلام آباد جي ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ تي اسحاق ڊار ۽ جنرل سيٽ تي پيپلزپارٽي جو راڻا محمود ڪامياب ٿيو

پنجاب اسيمبلي ۾ ٽيڪنوڪريٽس ۽ عورتن جون 2-2 سيٽون نواز ليگ کٽي ورتيون، پنجاب مان ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن سيٽن تي وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ ڪامياب ٿي ويو

پنجاب ۾ عورتن جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا ياسمين راشد ۽ صنم جاويد هارائي ويون، خيبرپختونخواه ۾ اپوزيشن جي درخواست تي سينيٽ چونڊون ملتوي ڪيون ويون