سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي خط معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي جاري

0
30
سرڪاري ادارا رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، هڪ هڪ جڳهه تي ٽيڻ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن: چيف جسٽس
سرڪاري ادارا رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، هڪ هڪ جڳهه تي ٽيڻ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ طرفان هاءِ ڪورٽ ججز جي الزامن واري خط بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي جاري آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي مداخلت وارن الزامن تي ٻڌل خط جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران جوڙيل 7 رڪني بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله، مسرت هلالي، جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت جا الزام هڻندي سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن خط لکيو هو

 رٽائرڊ جسٽس تصدق جيلاني حڪومت پاران خط ۾ لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڪئي هئي

تصدق جيلاني چيو هو ته هي معاملو چيف جسٽس کي ڏسڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لائيو جاري آهي