پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ

0
22

پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ مختلف ڪورسز جي تربيت مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ  ٿي آهي، 149 هين پي ايم اي لانگ ڪورس، 14 هين مجاهد ڪورس، 68 هين انٽيگريٽڊ ڪورس ۽ 23 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس جي تربيت مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ تقريب ٿي

تربيت مڪمل ڪندڙن ۾ دوست ملڪن جا 49 ڪيڊٽس به شامل آهن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد تقريب جو خاص مهمان هو

ترڪ فوج جي سالار جنرل متين گورڪ اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي، جنرل ساحر شمشاد تربيت مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس کي خطاب ڪيو، تربيت مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ اعزاز ۽ سندون به ورهايون ويون