قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي 21 تڪن تي سڀاڻي ننڍي چونڊ: فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

0
31

قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي 21 تڪن تي سڀاڻي ننڍي چونڊ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سڀاڻي قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبليز جي 16 تڪن تي ننڍي چونڊ ٿيندي، وفاقي سرڪار اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ننڍي چونڊ دوران سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪ فوج جا جٿا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پنجاب جي گهرو کاتي صوبي جي 13 ضلعن ۽ تعلقن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سڀاڻي سنڌ جي هڪ قومي تڪ اين اي 196 شهدادڪوٽ تي ننڍي چونڊ ٿيندي

 بلاول ڀٽو زرداري پاران سيٽ ڇڏڻ سبب اهو تڪ خالي ٿيو آهي، پيپلزپارٽي جي اميدوار خورشيد جوڻيجو جي مقابلي ۾ ٽي ايل پي جو اڪيلو اميدوار محمد علي ميدان ۾ لٿل، جي يو آءِ پاران ننڍي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي ۽ ٻيا اميدوار هٿ کڻي ويا آهن