ارسا چشما لنڪ ڪينال وهائڻ بابت سنڌ جا اعتراض ۽ خدشا ٿڏي ڇڏيا

0
28

ارسا چشما لنڪ ڪينال وهائڻ بابت سنڌ جا اعتراض ۽ خدشا ٿڏي ڇڏيا آهن

تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪينال ۾ ٽن ڏينهن دوران 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهايو ويو

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سکر ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران انڪشاف ڪيا آهن

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڄام خان شورو چيو ته ارسا اسان جي اعتراضن کي ڪا به اهميت نه پئي ڏئي، سنڌ جي اعتراضن ۽ خدشن باوجود چشما ڪينال ۾ زوريءَ پاڻي وهايو پيو وڃي

 سي جي ڪينال ۾ ٽن ڏينهن دوران 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهايو ويو آهي، آبپاشي وزير چيو ته سکر بيراج جا 56 دروازا مٽايا ويندا

گڊو بيراج جيان سکر بيراج جي هر گيٽ تان 80 ٽن وزن گهٽجي ويندو، سکر بيراج جي نون دروازن جي تعمير لاءِ عالمي بينڪ سان ڳالهيون هلندڙ آهن، سکر بيراج جو 36 هون نمبر گيٽ نه ٺهي سگهيو آهي، پانڊ ليول برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پوندو