آصفه ڀٽو پنهنجي ڀاڻيجي مير حاڪم سان نڪتل تصوير شيئر ڪري ڇڏي

0
23

نئين چونڊيل ايم اين اي آصفه ڀٽو پنهنجي ڀاڻيجي مير حاڪم سان نڪتل تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي

آصفه ڀٽو زرداري ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي والد آصف علي زرداري، ڀاءُ بلاول ڀٽو، وڏي ڀيڻ بختاور ۽ ڀيڻيوي محمود چوڌري جي موجودگي ۾ قومي اسيمبلي ۾ ايم اين اي طور حلف کنيو هو

ان موقعي تي سندس ٻئي ڀاڻيجا مير حاڪم ۽ مير سجاول به ايوان ۾ موجود هئا

آصفه ڀٽو زرداري نوابشاهه مان بنا مقابلي قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي هئي، آصفه پنهنجي ڀاڻيجي سان ايوان ۾ نڪتل تصوير انسٽا گرام تي شيئر ڪري ڇڏي