پي ٽي آءِ باني کي جيل اندر مينوئل کان وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن: وفاقي وزير

0
47
پي ٽي آءِ باني کي جيل اندر مينوئل کان وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن: وفاقي وزير
پي ٽي آءِ باني کي جيل اندر مينوئل کان وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن: وفاقي وزير

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي جيل اندر مينوئل کان وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني قيد ٿيڻ کان هيل تائين سوين ملاقاتون ڪري چڪو آهي، پي ٽي آءِ جي ترجمانن کي جيل مان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون هدايتون ملي رهيون آهن

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني آءِ ايم ايف کي ٻيهر خط لکڻ چاهي ٿو، پاڪستان جي قومي مفادن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي

عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني جيل اندر شاهاڻي زندگي گهاري رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني کي جيل اندر ورزش لاءِ سامان ۽ واڪ لاءِ هڪ ڪمرو نه پر سموري گيلري ڏني وئي آهيعمران خان جي جيل ٽرائل روڪڻ بابت استدعا رد

ٻئي پاسي تحريڪ انصاف اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن تي پابندي بعد ڪور ڪميٽي جو هنگامي اجلاس سڏائي ورتو، اڄ پارليامينٽ ۾ به آواز اٿارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن تي پابندي آئين ۽ قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن تي پابندي خلاف حڪمت عملي جوڙي ويندي

اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ٿيندڙ ناانصافين تي خاموش نه ويهنداسين