هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدارجسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
31
هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدارجسماني رمانڊ تي پوليس حوالي
هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدارجسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

بلوچستان مان سنڌ ۾ هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدار 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ٿي ويا

جيڪب آباد جي مولا داد ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيل اي ايس آءِ امتياز ڀيو، اهلڪارن بقاءُ الله ۽ ثناءُ الله سميت 7 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڪيمپ آفيس جيڪب آباد ۾ پيش ڪيو

پوليس پاران 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي منظوري ڏني

 شڪارپور پوليس جي گرفتار ڪيل اي ايس آءِ امتياز ڀيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان خراب ٿيل موبائيل ٺهرائڻ آيا هئاسي، جيڪب آباد پوليس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته ويگو گاڏي مان هٿ آيل هٿيارن سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه هٿيارن جي اسمگلنگ واري ڪيس ۾ ملوث هئڻ جا الزام لڳڻ بعد صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو پاران ڏنل استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي