جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ روڊ واسي پرائمري استاد سھيل احمد بروھي پنھنجي پٽ جيل پوليس جي اھلڪار حذيفا سميت شڪارپور کان فيضو لاڙي ويندي مبينا طور گم ٿي ويا ۽ ھڪ ڏينهن بعد سندن ڌاڙيلن وٽ قيد واري وڊيو وائرل ٿي اغوا ٿيل استاد ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ ڊي سي شڪارپور جي ڀيڻيوي نديم احمد بروھي جو ڀاءُ آھي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مغوي سھيل بروھي جي ڀاءُ اقبال بروھي جو چوڻ ھو ته منھنجو ڀاءُ سھيل بروھي ۽ سندس پٽ شڪاپور کان فيضو لاڙي ويندي گم ٿي ويا آھن، اڃا تائين ڌاڙيلن طرفان ڪا فون ناھي آئي، اسين شڪارپور پوليس ۽ ضلعي انتظاميا سان رابطي ۾ آھيون، ھن وقت تائين تصديق يا ترديد نه ٿا ڪري سگھون رڳو وڊيو سامھون آئي آھي.