ملير(رپورٽر) ڪُنڊ ملير ڀرسان بلوچستان جي سامونڊي حد ۾ ٻيٽ اُڀري آيو، ڊبليو ڊبليو ايف اختيارين جو چوڻ آهي ته سمنڊ جي پيٽ مان نڪري آيل ٻيٽ ڊگهي ايراضي تي ٻڌل آهي، سمنڊ ۾ جاگرافيائي ڦيرڦار سبب اونهي پاڻي مان ٻيٽ ٻاهر اُڀري ايندا آهن، اڪثر اهڙا ٻيٽ ڪجهه عرصي کانپوءِ غائب ٿي ويندا آهن.