انوار الحق ڪاڪڙ ۽ حنيف عباسي ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل تان ڏند چڪ

0
21

اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ۽ نوازليگ جي اڳواڻ حنيف عباسي وچ ۾ ڪڻڪ جي اسڪينڊل تان ڏند چڪ ٿي آهي

اسلام آباد ۾ آمهون سامهون ٿيڻ تي انوار الحق ڪاڪڙ حنيف عباسي کي چيو ته ڇا مون کي گرفتار ڪرڻ آيا آهيو؟

حنيف عباسي چيو ته قسم کڻي چوان ٿو ته ڪڻڪ جي اسڪينڊل ۾ توهان پئسا کاڌا آهن، ان تي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته مان فارم 47 جي ڳالهه ڪئي ته نون ليگ وارا منهن لڪائيندا وتندا

حنيف عباسي جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت جي دور ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو اٻهرائي ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي

 ڪڻڪ جو اسڪينڊل اهو آهي ته نگران دور ۾ 46 لک ٽن ڪڻڪ پيل هئي، ڪڻڪ جو بمپر فصل به لهڻ لاءِ تيار هو، ان باوجود هڪ نجي ڪمپني کي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، اسڪينڊل جي جاچ ٿيڻ گهرجي، انوار الحق ڪاڪڙ ان وقت پيدا به نه ٿيو هو جڏهن اسان سياست شروع ڪئي هئي