لاڙڪاڻي ۾ نافرمان پـٽ، پوليس اهلڪار پيرسن امڙ جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو

0
603

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نافرمان پـٽ، پوليس اهلڪار پيرسن امڙ جو جيئڻ تنگ ڪري ڇڏيو، نظر پاڙي واسڻ عورت اهلڪار پُٽ جي ظلمن خلاف احتجاج دوران روئي ويٺي، مسمات حوران کجڙ دانهيو ته پُٽ ذوالفقار ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ گهران ڪڍي ڇڏيو، ملڪيت ڏيڻ کان انڪار تي پٽي ڀائين سان گڏجي تنگ ڪري ٿو، مڙس جي شهيد ٿيڻ بعد پُٽ کي پوليس ۾ نوڪري وٺرائي ڏني، نافرمان پُٽ اجهو کسي دربدر ڪري ڇڏيو آهي، پيرسن امڙ طرفان اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيوويو آھي.