ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبيعت ناساز، ڊاڪٽرز جي هدايت تي اسپتال داخل ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آھي تھ بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد کان ۽ بختاور ڀٽو زرداري مڙس سميت دبئي کان ڪراچي پهچي ويا ، آصف علي زرداري کي ڊاڪٽرز جي ھدايت تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. جڏھن تھ پيپلزپارٽي پاران ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ آصف علي زرداري جي طبيعت خراب ٿي وئي آھي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽرز پاران ھُن جا ٽيسٽ ڪيا ويندا.