آصف علي زرداري جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

0
480
آصف زرداري جي ڳڙهي خدابخش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبيعت ناساز، ڊاڪٽرز جي هدايت تي اسپتال داخل ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آھي تھ بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد کان ۽ بختاور ڀٽو زرداري مڙس سميت دبئي کان ڪراچي پهچي ويا ، آصف علي زرداري کي ڊاڪٽرز جي ھدايت تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. جڏھن تھ پيپلزپارٽي پاران ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ آصف علي زرداري جي طبيعت خراب ٿي وئي آھي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽرز پاران ھُن جا ٽيسٽ ڪيا ويندا.