امريڪا بگرام ايئربيس 20سالن بعد افغان فورسز حوالي ڪري ڇڏيو

0
452

ڪابل (مانيٽرنگ) افغانستان مان امريڪي فوج جي واپس وڃڻ وارو عمل جاري آهي، امريڪا 20سالن بعد بگرام ايئربيس افغان فورسز حوالي ڪري ڇڏيو، امريڪي ميڊيا موجب، امريڪي فورسز جي مڪمل واپس ويجهو پهچي وئي آهي، امريڪا 20سالن بعد بگرام بيس جي چارج ڇڏي، صوبي پروان ۾ قائم ايئرفيلڊ ڪابل کان 69ڪلوميٽر پري آهي، افغان جنگ دوران بگرام ايئربس ۾ هڪ لک آمريڪي فوجي مقرر هئا، امريڪي صدر جوبائڊن11سيپٽمبر کان مڪمل فوج جي واپس جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي.