اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي
چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان عسڪري ادارن خلاف بيان بازي سميت مختلف ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي رينجرز عمران خان کي حراست ۾ ورتو
ذريعن موجب عمران خان کي نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ نيب اختيارين سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا، آءِ جي اسلام آباد عمران خان جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪيس ۾ بائيو ميٽرڪ لاءِ موجود هو ۽ جيئن ئي ويل چيئر تان لٿو ته کيس رينجرز گرفتار ڪري ورتو
آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، صورتحال معمول تي آهي، اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي
غازی گھاٹ پل مکمل بند zartaj Gul
کے سربراہی میں #BehindYouSkipper pic.twitter.com/SpipMCvCF2— Zain agha (@Zainagh52313379) May 9, 2023
عمران خان جي گرفتاري وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو به ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ وڪيل زخمي پڻ ٿي پيا
عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ سراپا احتجاج
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نيب ڪيس ۾ گرفتاري خانپوءِ سندس پارٽي اڳواڻن ۽ ورڪرز سموري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا آهن
ڪراچي جي مک شاهراهه، شاهراهه فيصل تي پي ٽي آءِ ورڪرز توڙي عام شهرين ڌرڻو هنيو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي
اهڙي ريت ڪراچي جي مختلف شاهراهن تي پي ٽي آءِ جي مظاهرن سبب ٽريفڪ جو نظام مفلوج ٿي چڪو آهي
حيدرآباد، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ جا ڌرڻا جاري آهن
پي ٽي آءِ اڳواڻن، شاهه محمود قريشي، علي زيدي، حليم عادل شيخ ۽ ٻين وڊيو بيان ۾ عوام کي رستن تي نڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي
رينجرز پاڻ شيشا ٽوڙيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي: اهلڪار جو بيان
عمران خان جي سڪيورٽي تي مقرر اهلڪار برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان جي عدالت ۾ پيشي وقت رينجرز اهلڪارن جو وڏو انگ موجود هو
سيڪيورٽي اهلڪار ٻڌايو ته هو عمران خان جي سيڪيورٽي ٽيم جو حصو آهي
The Brave Imran Khan, Look how calmly he is sitting ❤🔥#BehindYouSkipper#پاکستان_بند_کر_دو pic.twitter.com/6kO3TQ8sf3
— 𝒜𝓉𝓉𝒶 𝒰𝓇 𝑅𝒶𝒽𝓂𝒶𝓃 (@ArmanIYI) May 9, 2023
هن چيو ته اڄ اسان خان صاحب کي عدالت ۾ آڻي رهيا هئاسين، جڏهن اسان کيس بائيو ميٽرڪ لاءِ وٺي آياسين ته رينجرز اتي بيٺي هئي، اسلام آباد پوليس به موجود هئي پر رينجرز وڌيڪ موجود هئي
هن وڌيڪ چيو ته جيئن ئي اسان ويجهو آياسين ته رينجرز اهلڪارن ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا، اسان کين چيو ته عمران خان جي ويجهو نه اچو،پر اُنهن جي ڪارروائي جو انداز ئي مختلف هو، رينجرز اهلڪار عمران خان جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن کي هڪ هڪ ڪري پري ڪندا رهيا
خوف کے بت توڑ دو!!
وقت آ پہنچا ہے۔ کوئی گھر نہ بیٹھے۔ عوام کو اپنے مستقبل کے تحفظ اور آزادی کے لئے اب نکلنا ہوگا!#نکلو_خان_کی_زندگی_بچاؤ pic.twitter.com/PBpIx8MO5C
— Zartaj Gul Wazir (@zartajgulwazir) May 9, 2023
سيڪيورٽي اهلڪار اهو به چيو ته ”جڏهن خان صاحب کي اندر آندو ويو ته رينجرز پاڻ شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي، ”مونکي مٿي تي ڌڪ هنيو ويو ۽ اسان سان گڏ هڪ وڪيل به هو، ان کي به تشدد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سڄي ڪارروائي شروع ٿي
هي به پڙهندا
آءِ ايس پي آر صاحب ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻ سان ادارو مضبوط ٿيندو آهي: عمران خان