فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سي ايس ايس 2023ع جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا

0
25

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سي ايس ايس 2023ع جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، سنڌ جا 37 اميدوار ڪامياب قرار، سڀ کان وڌيڪ پنجاب جا اُميدوار ڪامياب ٿيا

شهري سنڌ سان واسطو رکندڙ رڳو 8 ۽ ٻهراڙي جا 29 اُميدوار پاس ٿيا، شهري سنڌ جي پاس ٿيل 8 اميدوارن مان ٽن ڄڻن جا ڪيس ميڊيڪل بنيادن ملتوي، ٻهراڙي سنڌ جي ڪامياب ٿيل 29 اميدوارن مان 7 اميدوارن جا ڪيس ميڊيڪل بنيادن تي ملتوي ڪيا ويا

ايف پي اي سي جي نتيجن موجب سنڌ ٻهراڙي مان پاس ٿيل پهريون اميدوار ميرٽ لسٽ ۾ 66 ۽ شهري سنڌ مان پاس ٿيل اميدوار 116هين نمبر تي آيو

سي ايس ايس 2023ع جي امتحانن ۾ 13 هزار 8 اميدوارن مان رڳو 401 اميدوار پاس ٿي سگهيا، واءِ واز بعد 401 اميدوارن مان 386 اميدوار پاس ٿي سگهيا، امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ۾ 234 مرد ۽ 152 عورتون شامل