آءِ ايس پي آر صاحب ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻ سان ادارو مضبوط ٿيندو آهي: عمران خان

0
236

اسلام آباد: اسلام آباد روانگي کان اڳ عمران خان خصوصي پيغام جاري ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر جي پريس رليز تي خصوصي رد عمل ڏيندي عمران خان چيو ته آءِ ايس پي آر صاحب ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻ سان ادارو مضبوط ٿيندو آهي

عمران خان جو چوڻ هو ته آءِ ايس پي آر صاحب، منهنجي ڳالهه ٿورو غور سان ٻڌو، عزت صرف هڪ اداري جي نه پر شهري جي هجڻ گهرجي

عمران خان چيو ته هن وقت مان سڀ کان وڏي پارٽي جو سربراهه آهيان ۽ 50 سالن کان قوم مون کي سڃاڻي ٿي، مون کي ڪو به ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي، هي منهنجي فوج ۽ منهنجو پاڪستان آهي

هن چيو ته ڪنهن وٽ وارنٽ آهن ته اهو سڌو مون وٽ وارنٽ کڻي اچي، وارنٽ کڻي اچي، منهنجا وڪيل هوندا ۽ مان پاڻ ئي جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان

عسڪري ادارن جي آفيسرز خلاف بيانبازي ۽ محسن شاهنواز رانجها  تي حملي  جي ڪيسز ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ عمران خان زمان پارڪ لاهور کان روانو ٿي ويو

 پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  ۾ ٿيندي، ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ وڪيلن ۽ صحافين جي داخلا خصوصي پاسز ذريعي هوندي

 عمران خان سان گڏ 15 وڪيلن کي عدالتي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي، اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس مان 10 وڪيل عدالتي ڪمري ۾ وڃي سگهندا

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڪنهن به قسم جو اجتماع غيرقانوني هوندو 

هي به پڙهندا

عمران خان جا هٿ ٺوڪيا ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام قابل مذمت ۽ ناقابل برداشت آهن: پاڪ فوج

مون تي 2 ڀيرا قاتلاڻو حملو ٿيو؟ ڇا شهباز کان ڪجهه سوال پُڇي سگهان ٿو؟عمران خان