قمبر( اسپورٽس نيوز ) قمبر ۾ سٽي ڪپ ھارڊ بال ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي چوٿين ميچ ۾ جنون اليون قمبر ، کيرٿر ڪرڪيٽ ڪلب قمبر کي دلچسپ مقابلي بعد 1 وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي. کيرٿر ڪرڪيٽ ڪلب پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاھيون جنهن جي جواب ۾ جنون ڪرڪيٽ ڪلب 20 اوور جي آخري بال تي 9 وڪيٽن جي نقصان تي گھربل ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ کٽي ورتي جنون ڪرڪيٽ ڪلب طرفان نبيل شيخ 77 لطيف گوپانگ 48 رنسون ٺاھيون.