عمرڪوٽ(رپورٽ: اوي گوسوامي)22هون السنڌ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو چوٿون ڪواٽر فائنل ميچ جي ايم خانا ڪراچي ۽ ڪاظمي ڪراچي جي وچ ۾ ٿيو، قاظمي ڪراچي پھريان ٽاس کٽي جي ايم خانا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جي ايم خانا ڪراچي مقرر 25 اوورن ۾ 323 جو ٽارگيٽ ڏنو، ھارون 6 ڇڪن ۽ 12 چوڪن جي مدد سان 55 بالن تي 107 ۽ ذاڪر ملڪ 25 بالن تي 7 ڇڪن جي مدد سان 70 رنسون ٺاھيون، ڪاظمي ڪراچي جي بالر اڪبر علي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته 323 رنسن جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي ڪاظمي ڪراچي 25 اوورن ۾ 313 رنسون ٺاھي سگھي ۽ 10 رنسن سان ميچ ھارائي وئي، ڪاظمي ڪراچي جي بيٽسمين قادر خان 76، عاضر 52 ۽ اڪبر علي 52 رنسون ٺاھيون. اڄ پهريون سيمي فائينل جانباز ٽنڊوآدم ۽ جي ايم خانا ڪراچي جي وچ ۾ کيڏيو ويندو،