قمبر( اسپورٽس نيوز ) قمبر ۾ سٽي ڪپ ھارڊ بال ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي چوٿين ميچ ۾ جنون اليون قمبر ، کيرٿر  ڪرڪيٽ  ڪلب قمبر کي دلچسپ مقابلي بعد 1 وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي. کيرٿر  ڪرڪيٽ  ڪلب پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن  جي نقصان تي 182 رنسون ٺاھيون جنهن جي جواب ۾ جنون ڪرڪيٽ  ڪلب 20 اوور جي آخري بال تي 9 وڪيٽن  جي نقصان تي گھربل ٽارگيٽ  پورو ڪري ميچ کٽي ورتي جنون ڪرڪيٽ  ڪلب طرفان نبيل شيخ 77 لطيف گوپانگ 48 رنسون ٺاھيون.