ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، مختلف شهرن ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي او پي ڊيز، آپريشن ٿيٽرز ۽ ويڪسينيشن جو بائيڪاٽ ڪري مظاھرا جاري رکيا ويا آھن
حيدرآباد، هالا، مورو، شاهپور چاڪر، ميرو خان، فيض گنج، ميرو خان ۾ صحت کاتي جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل آھن
پيرا ميڊيڪل اسٽاف، نرسن ۽ ڊاڪٽرن پاران احتجاج جاري رکندي سڀاڻي ڪراچي ۾ پريس ڪلب کان مارچ جو اعلان ڪيو ويو آھي
مظاهرين پاران هيلٿ رسڪ الائونس، نرسز کي 16 هين گريڊ مان 17 هين ۾ پروموشن جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو آھي
اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ پيراميڊيڪس جي ٽائيم اسڪيل ۽ ڊينٽل ڊاڪٽرس جي سمري منظور ڪئي وڃي، ڊيپوٽيشن پاليسي جوڙي 6 الڳ ڪيڊر ٺاهيا وڃن