رائونتي ڪچي ۾ شهيد 5 اهلڪارن جا لاش ٽياڪڙي وسيلي ملي ويا، وڏي وزير پاران جامع آپريشن جو حڪم

0
329
رائونتي ڪچي ۾ شهيد 5 اهلڪارن جا لاش ٽياڪڙي وسيلي ملي ويا، وڏي وزير پاران جامع آپريشن جو حڪم

ڏهرڪي/ رائونتي / اوٻاوڙو / ميرپور ماٿيلو  (رپورٽ: اعظم سهرياڻي+ مظهر حسين چاچڙ +نظير احمد ٿهيم +برڪت ميراڻي ) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس پڪٽ تي حملو، ڊي ايس پي اوٻاوڙو ۽ 2 ايس ايچ اوز سميت پوليس جا 5 اهلڪار شهيد، 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پنجاب پوليس ٽياڪڙي ڪري 7 ڪلاڪن بعد اهلڪارن جا لاش وصول ڪيا،  سوڳ ۾ اوٻاوڙو ۽ رائونتي شهر بند رهيا

ان ڏس ۾  رائونتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ سناڻي شر ۾ اغوا ٿي ويل 3 ڄڻن جي بازيابي لاءِ  هڪ ڪروڙ انعام يافته  ڌاڙيل راحب شر جي چاچن راجو شر ۽ ٻين جي گهرن تي پوليس اي پي سي چينن ۾ چڙهي چڙهائي ڪري انهن جي گهرن ۾ ڪئمپ قائم ڪري ورتي، جنهن دوران رات دير سان ڌاڙيلن جي وڏي ٽولي پوليس کان مارجي ويل ڌاڙيل سلطو شر جو پلاند وٺڻ لاءِ  ان وقت  راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو، جڏهن پوليس راجو شر وارن جي گهرن اندر موجود هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدلمالڪ ڀٽو،ايس ايچ او کينجهو دين محمد لغاري، ايس ايچ او ميرپور عبدلمالڪ ڪمانگر ۽ 2 پوليس اهلڪار سليم چاچڙ ۽ جتوئي پتافي موقعي تي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته  ايس ايچ او رائونتي غلام علي بروهي، 2 پوليس اهلڪار ممتاز سومرو ۽ آفتاب ڀٽو زخمي ٿي پيا، شهيد ٿي ويل 5 ئي پوليس اهلڪارن جا لاش ڌاڙيلن پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا هئا

جڏهن ته ڌاڙيل شهيد  ٿي ويل 5 اهلڪارن جا سرڪار هٿيار به پاڻ سان گڏ کڻي ويا، جنهن بعد پنجاب پوليس ڌاڙيلن سان ٽياڪڙي ڪري شهيد ٿي ويلن جا لاش وصول ڪري ايس ايس پي تنوير تنيو جي حوالي ڪيا، جنهن بعد شهيد اهلڪارن جا لاش اوٻاوڙو اسپتال آندا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش جنازي نماز لاءِ  پوليس هيڊ ڪوارٽر ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيا ويا، پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾  شهيد ٿي ويل 5  اهلڪارن جي اهلڪارن جنازي نماز ادا ڪئي وئي

جنهن ۾ پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر، ايس ايس پي تنوير تنيو، اي ايس پي رحيم يار دوست محمد کوسو ،ونگ ڪمانڊر اجمل خان کوسو سميت پوليس آفيسر ،سياسي سماجي اڳواڻن ،صحافين توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته سوڳ ۾ رائونتي ۽ اوٻاوڙو شهر بند ٿي ويا،  ٻي طرف شهيد اهلڪارن جا لاش 7 ڪلاڪن بعد پنجاب پوليس پاران ڌاڙيلن سان ٽياڪڙي ڪري وصول ڪيا، ان حوالي سان پنجاب جي رحيم يار پوليس  اهڙو بيان به جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آھي ته شهيد ٿي ويل اهلڪارن جا لاش پنجاب پوليس ڌاڙيلن کان وصول ڪري ايس ايس پي گهوٽڪي جي حوالي ڪيا آھن.

 گھوٽڪي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 5 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي شهادت واري واقعي جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب، ڌاڙيلن خلاف منظم حڪمت عملي سان آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪچي وارن علائقن سميت صوبي جي سمورن ضلعن اندر مڪمل امن امان گھرجي، ڪچي جي ڌاڙيلن تي قيمت مقرر ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته مون کي پوليس اھلڪارن ۽ آفيسرن کي شھيد ڪندڙ ڌاڙيل جيل اندر گھرجن. اھا ڳالھ ھن امن امان بابت اھم اجلاس جي صدارت ڪندي ڊي آءِ جي آفيس سکر ۾ ڪئي. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پيز، گھوٽڪي، سکر ۽ خيرپور،. سينيٽر مھتاب ڏھر، ايم اين اي نعمان اسلام، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ٻيا لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي رائونتي واقعي بابت ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو بريفنگ ڏني. وڏي وزير اجلاس جي شروع ۾ شھيد پوليس اھلڪارن جي اعليٰ مقام لاءِ دعا ڪئي. وڏي وزير حڪم ڏيندي چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ وڌيڪ پوليس پڪٽس قائم ڪيون وڃن. گھوٽڪي، خيرپور، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ڪچي وارن علائقن جي پوليس ٿاڻن جي نفري ۾ پڻ واڌ ڪئي وڃي

وڏي وزير چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ انٽيليجنس ورڪ کي وڌايو وڃي، ھاڻي جيڪو به آپريشن ٿئي اھو انٽيليجنس بنيادن تي ڪيو وڃي. وڏي وزير ھدايت ڏيندي چيو ته ڪچي وارن سمورن ضلعن جي پوليس آفيسر گڏجي ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي. وڏي وزير غلام علي بروھيءَ سميت سمورن زخمين ۽ شھيد اھلڪارن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته مون کي ڪچي ۾ مڪمل امن گھرجي، جيڪا به بجيٽ گھربل آھي حڪومت مھيا ڪندي. وڏي وزير ڪچي جي ڌاڙيلن تي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ آءِ جي پويس کي ھدايت ڪئي

سيد مراد علي شاھھ چيو ته مون کي پوليس اھلڪارن ۽ شھيد آفيسرن کي شھيد ڪندڙ ڌاڙيل ھر صورت ۾ جيل اندر گھرجن. گھوٽڪي ضلعي جي رائونتي واري ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان هڪ ڊي ايس پي، 2 ايس ايچ اوز ۽ 2 پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي بعد سنڌ سرڪار پاران صوبي خاص طور تي رائونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سگھارو آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران آءِ جي غلام نبي ميمڻ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته آپريشن کان اڳ مڪمل پلان پيش ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي هدايتن بعد آءِ جي سنڌ سکر جي ڊي آءِ جي، گھوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جي ايس ايس پيز توڙي سنڌ پوليس جي سينيئر پوليس آفيسرن کان رائونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سگھاري آپريشن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ بابت تجويزون پڻ گھُري  ورتيون آهن

ھي به پڙھندا

شھيد اھلڪارن جو خون رائيگان نه ويندو، ڌاڙيلن کي جلد ختم ڪنداسين: آءِ جي سنڌ

ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل ڊي ايس پي عبدالمالڪ جي ڀاءُ جا سنگين الزام