مٽياري (رپورٽر) مٽياري قومي شاھراھ تي سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ سيکاٽ بس اسٽاپ وٽ رڪشا چنگچي ڪلٽي ٿي پئي حادثي ۾ ست عورتون سخت زخمي ٿي پيون زخمي عورتن کي تعلقا اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ويو . ان ڏس ۾ قومي ڍشاھراھ تي سيکاٽ بس اسٽاپ وٽ کبير کان مٽياري رڪشا چنگچي اچي رهي هئي ته قومي شاھراھ تي ڪلٽي ٿي جنهن ۾ مسافر عورتون سخت زخمي ٿي پيون . زخمين ۾ ڪزبانو شھزادي. پري. امام زادي. سسئي ساجدا. سخت زخمي ٿي پيون زخمين کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال مٽياري پھچايو ويو ٻن عورتن کي پري ۽ امام زادي کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.