شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت شاهپورچاڪر حيسڪو عملي جي مبينا لاپرواهي سبب بجلي پول تان ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل نوجوان نثار کوسو واري ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل جوابدارن ايس ڊي او حيسڪو الله ڏنو چانڊيو، لائين سپرنٽينڊنٽ نور احمد کوسو ۽ ايل ايس صاحب عمراڻي جي 50 – 50 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.