ڏھرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي مان 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل استاد جي وارثن کان ڀُنگ طلب ڪيو ويو آھي
ڏهرڪي مان 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل استاد جي وارثن سان ڌاڙيلن رابطو ڪيو، ڀنگ طلب ڪيو ويو
ان سلسلي ۾ مغوي جي وارثن جو چوڻ آھي تھ ڌاڙيلن فون ڪري حليم چنو جي آزادي لاءِ 50 لک روپيا ڀُنگ گهريو آهي،
وارثن موجب حليم چنو 4 ڏينهن اڳ بئنڪ مان پگهار وٺڻ لاءِ ويندي اغوا ٿي ويو هو، حليم چنو کي ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪيو ويو، پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي