قانون ۽ انصاف واري وزارت سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس عمر عطا بنديال جي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي
نوٽيفڪيشن موجب جسٽس عمر عطابنديال سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي، جسٽس عمر عطابنديال 2 فيبروري تي عهدو سنڀاليندو
قانون ۽ انصاف واري وزارت صدر عارف علوي جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي
ياد رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد پهرين فيبروري تي رٽائر ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ جسٽس عمر عطا بنديال 2 فيبروري تي چيف جسٽس طور حلف کڻندو
جسٽس عمر عطا بنديال 2 فيبروري 2022 (2-2-22) تي 63 سال، چار مهينا ۽ 16 ڏينهن جي عمر ۾ هڪ سال، 6 مهينا ۽ 25 ڏينهن 16 سيپٽمبر 2023 تائين جي لاءِ حلف کڻندو
ھي بھ پڙھندا
سينيئر ترين جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ٿي ويو
گرفتاري کان اڳ وارِي ضمانت جو قانون ۾ ڪو ذڪر ئي ناهي: جسٽس عمر عطا بنديال
گرفتاري کان اڳ وارِي ضمانت جو قانون ۾ ڪو ذڪر ئي ناهي: جسٽس عمر عطا بنديال