جسٽس عمر عطا بنديال کي چيف جسٽس بڻائڻ جي سمري تيار

0
342
جسٽس عمر عطا بنديال کي چيف جسٽس بڻائڻ جي سمري تيار
جسٽس عمر عطا بنديال کي چيف جسٽس بڻائڻ جي سمري تيار

اسلام آباد (م ڊ) قانون واري وزارت سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس عمر عطا بنديال کي چيف جسٽس بڻائڻ جي سمري تيار ڪري ورتي

ذريعن موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت منظوري لاءِ سمري ايوان صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي، جنهن تحت صدر جسٽس عمر عطا بنديال کي چيف جسٽس بڻائڻ جي منظوري ڏيندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد پهرين فيبروري تي رٽائر ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ جسٽس عمر عطا بنديال 2 فيبروري تي چيف جسٽس طور حلف کڻندو